پنير مايو

پنير مايو (Cheese Mass): پنير شيردان ۾ ڄاول کير هوندو آهي. هن کي انگريزي ۾ Rennets، عربيءَ ۾ انفخه، فارسيءَ ۽ هنديءَ ۾ چسته، يونانيءَ ۾ فيطوا ۽ سريانيءَ ۾ فيف چئبو آهي. هنديءَ ۾ لفظ ”چسته“ حقيقت ۾ پس لاءِ استعمال ٿيندو آهي. شايد هنديءَ ۾ پنير مايي لاءِ موزون لفظ نه آهي، پنير مايو ٺاهڻ جي ترڪيب اها آهي ته ڪنهن به جانور جي ڄمڻ کان ترت پوءِ گهاٽو پس وارو کير ٽي ڏينهن تائين پياري پوءِ ذبح ڪري انهيءَ جي معدي کي ڪڍي سڪائبو آهي، جيڪو ئي پنير مايو آهي. پنير مايي جو واهپو قديم زماني کان يونان وارا به ڪندا اچن. انهيءَ کان پوءِ عرب طبيبن وٽ به ڪثرت سان استعمال ٿيندو رهيو. ممڪن آهي ته هندستان ۾ به انگريزن جي دور تائين استعمال ٿيندو هجي. پر هاڻي پنير مايي جو نالو رڳو ڪتابن ۾ وڃي رهيو آهي. سهي جي پنير مايي کي سڀ کان بهتر سمجھيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ جو ڪثرت سان استعمال رهيو آهي. پنير مايي جو استعمال حڪيم جالينوس کان به اڳ ٿيندو هو. حڪيمن موجب ان جي خاصيت اِها آهي ته هي معدي، جگر، دماغ ۽ گردن کي طاقت ڏئي ٿو. دستن، نڪهير جي رت ۽ رحم جي رطوبت کي بند ڪري ٿو، پيٽ ۽ رحم جو سور ڇڏائي ٿو، نانگ وڇونءَ جي زهر لاءِ ترياق آهي.


لفظ پنير مايوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو